جيت ڪلياڻ راڳڻي

جيت ڪلياڻ (راڳڻي): هيءَ راڳڻي ٻن نمونن سان ڳائي ويندي آهي، هڪ ماروا ٺاٺ سان ۽ ٻيو ڪلياڻ ٺاٺ سان. ٻنهي ٺاٺن ۾ هيءَ اوڍو راڳڻي ليکجي ٿي، يعني هن ۾ مڌم ۽ نکاد جا سُر نٿا لڳايا وڃن. هندستاني راڳن ۾ هونئن هيءَ راڳڻي ڪلياڻ ٺاٺ ۾ ليکي ۽ ڳائي ويندي آهي. لڪش سنگيت جي ليکڪ هن راڳڻيءَ کي ماروا ٺاٺ ۾ ڄاڻايو آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”ايئن ڪرڻ سان هن راڳڻيءَ جي شڪل ديسڪار ۽ ڀوپاليءَ کان الڳ ٿي بيهندي.“ راڳ ساگر جي ليکڪ ٺاٺ ڪلياڻ ۾ هن راڳڻيءَ کي سري کان ڳڻيو ئي ڪونهي. هن راڳڻيءَ جي آروهي: سا ري گي پا ڌي سَا ۽ امروهي سا ڌي پا گي ري سا آهي، جڏهن ته هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو وقت رات جو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو